ديوان بيدل2

ديوان بيدل2

ديوان بيدل2

ديوان بيدل2 (ڪتاب): فقير قادر بخش بيدل جي شاعريءَ جو هي ديوان، سندس ئي شهر واسي ديوان گدومل کٽڻ مل هرجاڻيءَ جو سهيڙيل آهي. ديوان گدو مل هن ديوان کي ٻن حصن ۾ سهيڙي، ٻن جلدن ۾ 41-1940ع ڌاري سکر مان شايع ڪرايو هو، جڏهن ته هن جو موجوده نئون ايڊيشن، ’بيدل يادگار ڪميٽي، روهڙيءَ‘ طرفان 2007ع ۾ هڪ جلد ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
اداري پاران ’پيش لفظ‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”ديوان بيدل عرف بيدل جي سوانح عمري ۽ سرودنامه، فقير قادر بخش ’بيدل‘ جي سوانح ۽ ڪلام تي مشتمل هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي بيدل سائينءَ جي ئي شهر واسي گدو مل کٽڻ مل هرجاڻيءَ بهترين مقدمي ۽ سهڻي سوانح سان سهيڙي، 41- 1940ع ۾ سکر جي تلڪ پريس مان ٻن جلدن ۾ شايع ڪرايو هو. انهيءَ کان پوءِ توڙي جو بيدل سائينءَ جي سوانح عمري ۽ ڪلام جا ٻيا به ڪتاب شايع ٿيا، پر گدو مل هرجاڻيءَ جي ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت دائم ۽ قائم رهي ۽ انهيءَ ڪتاب بيدل سائينءَ جي شخصيت، سوانح ۽ شاعريءَ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏنو.“
نئون ايڊيشن ’بيدل يادگار ڪميٽيءَ‘ طرفان شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ٻئي ڀاڱا هڪ ئي جلد ۾ شايع ڪيل آهن. ڪتاب ’ديوان بيدل‘ جو مهاڳ نوجوان محقق اختر درگاهيءَ جو لکيل آهي. ان کان سواءِ گدو مل کٽڻ مل هرجاڻيءَ جو تفصيلي احوال به شامل آهي. پهرئين جلد جو منڍ ۽ ٻئي جلد جو ديباچو به شامل آهن. مقدمو پنجن فصلن: (1) بيدل جي سوانح عمري، (2) بيدل جو مذهب، (3) بيدل سان روح رهاڻ، (4) بيدل جي تاليف ۽ تصنيفات، ۽ (5) بيدل جو شعر ۽ شاعريءَ تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ سرود نامه آهي. ڊيمي سائيز جو 312 صفحن تي مشتمل هي ناياب ديوان، بيدل يادگار ڪميٽي، روهڙيءَ طرفان 2007ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي، جنهن ۾ بيدل فقير جي فرزند محمد محسن بيڪس جي سوانح عمري ۽ ڪلام ۾ ڏنل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو